سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي عمارت

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي عمارت

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

سنڌي لئنگئيج اَٿارٽي: ھي ادارو، 1991ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سکيا ۽ ان جي استعمال وارن مقصدن جي حاصلات لاءِ، پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي قلم 251 (3) جي روشنيءَ ۾، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ائڪٽ 1972ع ۽ ترميمي ائڪٽ (1990ع) موجب قائم ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي خان جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ترميمي ائڪٽ (1990ع)، سنڌ اسيمبليءَ مان متفقھ راءِ سان پاس ٿيو، جنھن بعد 1991ع ۾ اٿارٽيءَ جي قيام جو باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان جو پھريون باني چيئرمئن مقرر ٿيو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جي پھرين گڏجاڻي، 4 جولاءِ 1991ع تي اٿارٽيءَ جي پھرئين چيئرمئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن ۾ ھيٺين ميمبرن شرڪت ڪئي: (1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (چيئرمئن)، (2) علي نواز وفائي، (3) سيد ھاشم رضا، (4) ڊاڪٽر ايم. اي قاضي، (5) جسٽس مشتاق علي قاضي، (6) عبدالسليم خان، (7) نظر محمد شيخ، (8) بشير مورياڻي، (9) عبدالحميد آخوند، (10) پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، (11) ڊاڪٽر تنوير عباسي، (12) محمد افضل شيخ، (13) سيد علي مير شاھھ ۽ (14) ممتاز علي مرزا. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، پنھنجي قيام کان وٺي اڄ تائين مختلف مرحلا طئي ڪندي ناماچاري ماڻي آھي، چيئرمين ۽ سيڪريٽري بدلبا رھيا، نئون عملو ڀرتي ٿيندو رھيو ۽ نوان شعبا قائم ٿيندا رھيا آھن. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تاريخ ۾ اڄ ڏينھن تائين ھيٺيان چيئرمين ۽ سيڪريٽري مقرر ٿيا: چيئرمين: (1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (15 فيبروري 1991ع کان 6 مارچ 1994ع تائين)، (2) ڊاڪٽر نواز علي شوق (6 مارچ 1994ع کان 3 اپريل 1995ع تائين)، (3) ڊاڪٽر نبي بخش جي قاضي (3 اپريل 1995ع کان 17 نومبر 1996ع تائين)، (4) ممتاز مرزا (واڌو چارج: 7 نومبر 1996ع کان 6 جنوري 1997ع تائين)، (5) امر جليل (اعزازي: 7 جنوري 1997ع کان 5 مئي 1997ع تائين)، (6) عبدالحميد سنڌي (6 مئي 1997ع کان 22 جولاءِ 1998ع تائين)، (7) ڊاڪٽر غلام علي الانا (22 جولاءِ 1998ع کان 31 جولاءِ 2001ع تائين)، (8) ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو (01 آگسٽ 2001ع کان 15 فيبروري 2005ع تائين)، (9) اين. ڊي. جتوئي (واڌو چارج: 16 فيبروري 2005ع کان 15 سيپٽمبر 2005ع تائين)، (10) عبدالقادر جوڻيجو (15 سيپٽمبر 2005ع کان 10 مئي 2008ع تائين) (11) پروفيسر ڊاڪٽر فھميده حسين (28 مئي 2008ع کان 13 مارچ 2015ع تائين) (12) آفتاب احمد ميمڻ (واڌو چارج: 26 اپريل 2015ع کان 14 مئي 2015ع تائين) (13) سرفراز راڄڙ (15 مئي 2015ع کان 14 آڪٽوبر 2016ع تائين) (14) پروفيسر ڊڪٽر عبدالغفور ميمڻ (14 آڪٽوبر 2016ع کان 03 آڪٽوبر 2018ع تائين) (15) غلام اَڪبر لغاري (واڌو چارج: 26 ڊسمبر 2018ع کان 21 آگسٽ 2019ع تائين) (16) پرويز احمد سِيھڙ (واڌو چارج: 22 آگسٽ 2019ع کان 07 نومبر 2019ع تائين) (17) غلام اَڪبر لغاري (واڌو چارج: 08 نومبر 2019ع کان 26 جولاءِ 2020ع تائين) (18) ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (28 جولاءِ 2020ع کان 04 مارچ 2022ع تائين) (19) ڊاڪٽر اِسحاق سميجو (05 آگسٽ 2022ع کان ......) سيڪريٽري: (1) مراد علي مرزا (1 جون 1991ع کان 8 ڊسمبر 1991ع تائين)، (2) عنايت الله جوڻيجو (16 مارچ 1992ع کان 20 نومبر 1993ع تائين)، (3) الله بخش شاھھ بخاري (2 جون 1994ع کان 14 نومبر 1996ع تائين)، (4) شھزور علي طيباڻي (واڌو چارج: 4 نومبر 1996ع کان 3 ڊسمبر 1996ع تائين)، (5) عبدالرزاق اين چانڊيو (واڌو چارج: 3 ڊسمبر 1996ع کان 27 سيپٽمبر 1997ع تائين)، (6) تاج جويو (27 سيپٽمبر 1997ع کان 3 سيپٽمبر 2002ع تائين)، (7) اختر عنايت ڀرڳڙي (9 سيپٽمبر 2002ع کان 14 آڪٽوبر 2003ع تائين)، (8) ماجد برفت (29 اپريل 2004ع کان 2 اپريل 2005ع تائين)، (9) غلام نبي بليدي (2 اپريل 2005ع کان 11 اپريل 2006ع تائين) (11 اپريل 2006ع کان 9 نومبر 2008ع تائين باقاعدي ڪو بھ سيڪريٽري مقرر نھ ٿيو. اندروني انتظام ھلائڻ لاءِ ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيل ڪامران ڀٽي ۽ امتياز ابڙو ڪم ھلائيندا رھيا.) (10) تاج جويو (10 نومبر 2008ع کان 10 مارچ 2015ع تائين) (11) هارون عنايت عباسي (واڌو چارج) (10 مارچ 2015ع کان 17 اپريل 2015ع تائين) (12) محمد ايوب جمالي (واڌو چارج) (17 اپريل 2015ع کان 26 جنوري 2016ع تائين) (13) هارون عنايت عباسي (واڌو چارج) (27 جنوري 2016ع کان 13 مارچ 2018ع تائين) (14) اَمين محمد لغاري (واڌو چارج) (14 مارچ 2018ع کان 23 مئي 2018ع تائين) (15) پروفيسر رضيه سُلطانه (شبنم گل) (24 مئي 2018ع کان 8 فيبروري 2023ع تائين.) (16) اَمين محمد لغاري (واڌو چارج) (9 فيبروري 2023ع کان 22 جون 2023ع تائين.) (17) ڊاڪٽر احسان دانش (22 جون 2023ع کان....) اداري جو ڪاروھنوار: پھريون چيئرمئن: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ( 1991ع کان 1993ع تائين): شروعاتي دور ۾ اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جي ٻي گڏجاڻي (29 فيبروري 1992ع) ۾، اٿارٽيءَ جي چيئرمئن کي اختيار ڏنو ويو تھ ھو اٿارٽيءَ جي ڪم جي شروعات ڪرڻ لاءِ ضروري عملو ڀرتي ڪري. ان وقت جي سيڪريٽري، ثقافت ۽ سياحت کاتي عبدالحميد آخوند، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ اٿارٽيءَ کي فوري طور تي ھڪ عارضي ڪمرو فراھم ڪيو. پھريون سيڪريٽري مراد علي مرزا ھو، جنھن کانپوءِ عنايت الله جوڻيجو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ اٿارٽيءَ جي ڪمن جو آغاز ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ مختلف رخن ۾ هيٺين ريت ڪم جي رٿابندي ڪئي وئي. (1) سائنسي مواد جي تياري، (2) سنڌي ٻولي ۽ خطاطيءَ جو مطالعو، (3)سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن جو مطالعو، (4) جنس وار ۽ ڌنڌي وار لغتن جي تياري، (5) سنڌي لسانيات تي عملي ڪم، (6) لغتن جي تياري ۽ ڇپائي، (7)ٻين ٻولين جي ناياب ڪتابن جا سنڌي ترجما، (8) اڻلڀ ۽ ناياب دستاويزن جي ڇپائي، (9) مختلف اسلامي ڪتابن جي ڇپائي وغيره. ابتدائي عرصي ۾ سائنسي مواد تي ھيٺيان ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا: (1) ماکي جي مک، (2) ڪوريئڙو، (3) ماڪوڙي، (4) اسان جون اکيون، (5) حياتيات (6) موٽر گاڏي ۽ ان جا پرزا. سنڌي ٻولي ۽ خطاطيءَ بابت ھيٺيان ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا: (1) سنڌي آوازن جا تبادلا، (2) سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، (3) سنڌي صورتخطي، (4) ابوالحسن جي سنڌي، (5) مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي سنڌي، (6) سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن تي تحقيق ڪرائي ھيٺيان ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا. (1) سبيءَ جي ٻولي، (2) ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي ٻولي، (3) ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، (4) ٿر ۽ ڍٽ جي ٻولي، (5) شڪارپور جي ٻولي. جنس وار ۽ ڌنڌي وار لغت جي موضوع سميت چوڏھن مختلف ڌنڌن جھڙوڪ: لوھارن، سونارن، ٺاٺارن، باٺارن، قالين سازن، رازن، ڪاشيگرن، ڇر وارن، جنڊيءَ وارن، ڪورين، کوھارن، واڍن ۽ ٻيڙياتن جي ٻوليءَ جا لفظ ھٿ ڪيا ويا. جنس جي حوالي سان، ٻوٽن، پکين ۽ جانورن مان گهوڙن، مڇين ۽ اٺن وغيره جي پيدائش ۽ پالنا کان مرڻ تائين استعمال ۾ ايندڙ لفظن کي گڏ ڪيو ويو. لغتن جي تياري ۽ ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ھيٺين لغتن تي ڪم شروع ڪيو ويو: (1) ھڪ جلدي جامع سنڌي لغت (سنڌي لغت)، (2) 50000 (پنجاھھ ھزار) لفظن تي مشتمل، انگريزي- سنڌي لغت (3) جامع انگريزي- سنڌي لغت، (4) جواھر لغات سنڌي اڪيچار. مٿين لغتن مان ’جواھر لغات سنڌي اڪيچار‘ ڇپرائي پڌري ڪئي وئي. ترجمي جي سلسلي ۾ ڪتاب ’حاصل النھج‘ ۽ ’رشف الزلال‘ ڪتاب جو ترجمو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. اسلامي علمن جي سلسلي ۾ ھيٺيان ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا: (1) سنڌي فقھي تحقيق جي ارتقا، (2) مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، (3) قواعد القرآن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جا ٻھ ڪتاب ’ناني سفوران‘ ۽ ’ٻاراڻا گيت‘ پڻ ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قيام بعد ھن پھرئين دور ۾ سڄيءَ سنڌ مان سنڌي زبان ۾ مختلف موضوعن تي ڇپيل ڪتاب ادبي انعامن واري رٿا ھيٺ گهرايا ويا. ججن/ اديبن تي مشتمل ڪاميٽي مقرر ٿي ۽ انعام لائق ڪتابن تي ھڪ لک روپين جي ماليت جا مختلف انعام سنڌي ليکڪن کي مليا. اٿارٽيءَ جي عمارت (ڪامپليڪس) جي تعمير: اٿارٽيءَ جي ڪامپليڪس جي تعمير واسطي PC.I منظور ڪرائي وئي ۽ عمارت جي نقشي لاءِ ملڪي سطح جي ماھرن کان نقشا ٺھرائي جائزو ورتو ويو، پر سنڌ حڪومت جي تجويز ڪيل/ ڏنل نقشي مطابق فيبروري 1994ع ۾ ڪامپليڪس جي پيڙھھ جون چيھون کوٽيون ويون ۽ ان وقت سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاھھ ھن تقريب جو افتتاح ڪيو. ٻيو چيئرمئن: ڊاڪٽر نواز علي شوق (مارچ 1994ع کان مارچ 1995ع): ڊاڪٽر نواز علي شوق مارچ 1994ع تي اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿي آيو. سندس دور ۾ الله بخش شاھھ بخاري سيڪريٽري ھو. ھن دور ۾ بورڊ آف گورنرس جا پنج سرڪاري ۽ ٻيا غير سرڪاري ميمبر ھئا، جن ۾: (1) محترم حميد ايس ھارون، (2) ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي، (3) سراج الحق ميمڻ، (4) ڊاڪٽر تنوير عباسي، (5) علي مير شاھھ، (6) ڊاڪٽر شفقت علي شاھھ ڄاموٽ، (7) احمد علي خان، (8) غازي صلاح الدين، (9) ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، (10) ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو. ڪجهھ عرصي بعد سراج الحق ميمڻ جي جاءِ تي ڊاڪٽر نبي بخش جي قاضي ۽ احمد علي خان جي جاءِ تي نياز ھمايونيءَ کي ميمبر طور نامزد ڪيو ويو. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ھڪ سال واري عرصي دوران اٿارٽيءَ جي بنيادي ٽن نقطن تي ھن ريت ڪم ٿيو. (1) سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جي سلسلي ۾ درسي ڪتابن جي جائزي ڪاميٽيءَ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي ۽ وڌيڪ ٻھ ميمبر محمد حسين ڪاشف ۽ غلام رسول چنا ھن ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيا ويا. ھن ڪاميٽيءَ سنڌي ٻئي درجي جي ڪتاب جو اڀياس ڪيو ۽ پھرئين سنڌي درجي جي ڪتاب جو رھيل ڪم پورو ڪيو. ھن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جي سلسلي ۾ ٻھ ڪتاب تيار ڪرايا ويا: (1) مثالي ٻاراڻو ڪتاب، (2) سنڌي پرائمر ۽ ريڊر (استادن لاءِ ھدايتون). ھن دور ۾ پھريون دفعو غير سنڌين لاءِ سنڌي ٻوليءَ جا ڪلاس ھلائڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪئي وئي. گڏوگڏ کين پڙھائڻ لاءِ ’سنڌي ڪتاب‘ تيار ڪري ڇپايو ويو. (2) سنڌي اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال بابت ٻھ ڪتاب تيار ڪرايا ويا: (1) سنڌي اخبارن جي ٻوليءَ تي سرسري نظر، (2) سنڌي اخبارون ۽ سنڌي ٻولي. لطيفيات جي موضوع تي مرزا قليچ بيگ جي تحقيق تي ٻڌل ٻه ڪتاب ’شاھھ جو رسالو‘ ۽ ’لغات لطيفي‘ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. لسانيات جي موضوع تي ٻھ ڪتاب: ’ھندستان جي زبانن جو جائزو‘ (ترجمو) ۽ سنڌي اخبارن جي ٻوليءَ تي سرسري نظر ڇپايا ويا. ٽيون چيئرمئن: ڊاڪٽر نبي بخش. جي. قاضي (03 اپريل 1995ع کان 17 نومبر 1996ع): ڊاڪٽر نبي بخش. جي. قاضيءَ جي دور ۾ درسي ڪتابن جي جائزي ڪاميٽيءَ وسيلي، سنڌي چوٿين ڪتاب کان سنڌي اٺين ڪتاب تائين ڪل پنج درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب درست ڪري، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي حوالي ڪيا ويا، سنڌ آرڪائيوز ڪامپليڪس، ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ڪلاس ھلائڻ جو اھتمام ڪيو ويو. ھن دور ۾ الله بخش شاھھ بخاري سيڪريٽري ھو ۽ بورڊ آف گورنرس جا ميمبر ھن ريت ھئا: (1) حميد ايس ھارون، (2) ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي، (3) نياز ھمايوني، (4) ڊاڪٽر تنوير عباسي، (5) علي مير شاھھ، (6) ڊاڪٽر شفقت علي شاھھ ڄاموٽ، (7) غازي صلاح الدين، (9) ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، (10) ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو. ھن عرصي دوران مختلف اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال تي نظر رکڻ لاءِ ھڪ ’مانيٽرنگ سيل‘ قائم ڪيو ويو تھ جيئن سنڌي ٻوليءَ جي اخباري استعمال کي درست بنائي سگهجي. سنڌي صورتخطي جي مستند ترتيب لاءِ جولاءِ 1995ع ۾ سنڌ جي ناميارن اسڪالرن کي دعوت ڏئي گذارش ڪئي وئي، سنڌي الف- ب جي ترتيب کي درست ڪري ’ادبي بورڊ جي لغتن‘ ۾ استعمال ٿيل ترتيب کي درست قرار ڏيئي اھڙي پڌرائي جاري ڪئي وئي. ساڳئي عرصي ۾ اداري جي عمارت جو بلاڪ A جي ڪم کي مڪمل ڪرائي، اٿارٽيءَ جي آفيس ’سنڌي مسلم ھائوسنگ سوسائٽي‘ حيدرآباد مان نئين ڪامپليڪس ۾ منتقل ڪئي وئي ۽ بلاڪ Bجو ڪم شروع ڪرايو ويو. چوٿون چيئرمئن: ممتاز مرزا (اضافي چارج: ڊسمبر 1996ع کان جنوري 1997ع): ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ممتاز مرزا کي اضافي چارج ڏيئي اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، ھن دور ۾ سنڌ ميوزيم جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ شھزور علي طيباڻيءَ کي اٿارٽي جي سيڪريٽري جي اضافي چارج ڏني وئي. بعد ۾ انهيءَ عرصي دوران مھراڻ آرٽس ڪائونسل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالرزاق اين چانڊيي کي سيڪريٽريءَ جي اضافي چارج ڏني وئي، جڏھن تھ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن جو تفصيل ھن ريت ھو: (1) حميد ايس ھارون، (2) ڊاڪٽر ممتاز اي. قاضي، (3) ڊاڪٽر تنوير عباسي، (4) علي مير شاھھ، (5) ڊاڪٽر شفقت علي شاھھ ڄاموٽ، (6) نياز ھمايوني، (7) غازي صلاح الدين، (8) ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، (9) ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو رھيا. پنجون چيئرمئن (اعزازي): امر جليل (07 جنوري 1997ع کان 05 مئي 1997ع تائين): ممتاز مرزا جي وفات بعد ڪجهھ مھينا ناميارو ڪھاڻيڪار امر جليل اداري جو اعزازي چيئرمئن رھيو، ھن دور ۾ عبدالرزاق اين چانڊيو انچارج سيڪريٽري ھو، اڳ مقرر ٿيل بورڊ آف گورنرس جو مدو ختم ٿي چڪو ھو ۽ نئين بورڊ آف گورنرس لاءِ لکپڙھھ ڪئي وئي، پر جيئن تھ امر جليل جي اصل ملازمت اسلام آباد ۾ ھئي ۽ ٻين ذاتي مصروفيتن سبب اٿارٽيءَ جي آفيس ۾ ويھي نھ سگهيو. انهيءَ عرصي ۾ رڳو ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڪلاسن لاءِ نئين داخلا ڪئي وئي. ڇھون چيئرمئن: عبدالحميد سنڌي (5 مئي 1997 کان 21 جولاءِ 1998): عبدالحميد سنڌي لڳ ڀڳ ھڪ سال اٿارٽيءَ جو چيئرمئن رھيو. سندس دور ۾ 26 سيپٽمبر 1997ع تي تاج جويو ھن اداري جو سيڪريٽري مقرر ٿي آيو. عبدالحميد سنڌي جي دور ۾ ٽن سالن لاءِ بورڊ آف گورنرس جوڙڻ لاءِ سفارش ڪئي وئي ۽ جيڪي ميمبر مقرر ٿيا، تن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ڊاڪٽر غلام علي الانا، (2) محترم محمد ابراھيم جويو، (3) ڊاڪٽر فھميده حسين، (4) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (5) ڊاڪٽر درشھوار سيد، (6) عبدالقادر جوڻيجو، (7) امر جليل، (8) ڊاڪٽر تنوير عباسي، (9) ڊاڪٽر شفقت حسين شاھھ ڄاموٽ، (10) غازي صلاح الدين. ھن عرصي دوران ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ وارن ڪلاسن جي ٻئي ٽرم جي پڄاڻي ٿي. حيدرآباد ۾ مھراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد جي سھڪار سان اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌي سکيا جا ڪلاس ھلايا ويا ۽ ڪل ٻھ ٽرم پورا ڪيا ويا. جڏھن تھ ٽئين ٽرم ۾ داخلا ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ جي سھڪار سان محتسب اعليٰ جي آفيس لاءِ ’محتسب جي قانون‘ جو سنڌي ترجمو ڇپرايو ويو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ۽ مرزا قليچ بيگ جون ورسيون ملھايون ويون. انهن موقعن تي ٻھ ڪتاب: سون برابر سڳڙا (ڊاڪٽر دائود پوٽي جا مضمون، مرتب: انور فگار ھڪڙو)، ۽ مرزا قليچ بيگ (سنڌي ٻولي جرنل، خاص نمبر، مرتب: تاج جويو ۽ امين لغاري) ڇپايا ويا. ’سنڌي ٻولي‘ ٽماھي جا ٻھ شمارا بھ ڇپايا ويا. ان کان سواءِ ڪوٽڙيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌي ڪلاس ھلايا ويا. ستون چيئرمئن: ڊاڪٽر غلام علي الانا (22 جولاءِ 1998 کان 31 جولاءِ 2001ع): ڊاڪٽر غلام علي الانا جي سربراھيءَ ۾ مختلف ڪمن جو جائزو وٺي، ننڍيءَ مدت ۽ ڊگهيءَ مدت وارا پروگرام تشڪيل ڏنا ويا. اداري اندر نوان شعبا قائم ڪيا ويا. ڪم جي مناسب رٿابندي ڪري عمل درآمد شروع ڪيو ويو. سندس دور ۾ تاج جويو سيڪريٽري رھيو. ھن عرصي دوران بورڊ آف گورنرس ۾: (1) محمد ابراھيم جويو، (2) امر جليل، (3) ڊاڪٽر تنوير عباسي، (4) ڊاڪٽر فھميده حسين، (5) عبدالقادر جوڻيجو، (6) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، (7) ڊاڪٽر حميده کھڙو، ۽ (8) شفقت حسين شاھھ ڄاموٽ شامل ھئا. ان عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا واري پروگرام ھيٺ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ پندرهين (15) اسڪيل کان مٿي سنڌي نھ ڄاڻندڙ سرڪاري ملازمن ۽ عام شھرين لاءِ سنڌي زبان جي سکيا جا ڪلاس ھلايا ويا. ھن سلسلي ۾ ٽي ڪتاب: درسي ڪتاب (ڀاڱو پھريون)، درسي ڪتاب (ڀاڱو ٻيو) ۽ استادن لاءِ ھدايتون ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا. سنڌ ۾ سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ سنڌي مادري زبان ۽ غير مادري زبان پڙھندڙ شاگردن لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جو جائزو وٺي يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي غير مادري زبان وارن شاگردن لاءِ ’آسان سنڌي‘ ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوي ۽ بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ، اسلام آباد سان ’آسان سنڌي‘ ڪتاب نصاب ۾ لازمي شامل ڪرڻ بابت لکپڙهه ڪئي وئي. ھن دور ۾ سنڌي لنگئافون جو پئڪيج جنھن ۾(1) ٽيڪسٽ بڪ ۽ (2) ورڪ بوڪ سان گڏ ڇھن آڊيو ڪئسٽن جو سيٽ تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آندو ويو. ’دفتري سنڌي‘ ڪتابن جي تياريءَ جي سِري هيٺ ’دفتري لغت‘ جو ڪم رٽائرڊ آفيسر محمد پريل ابڙي جي حوالي ڪيو ويو. سائنسي توڙي ٻاراڻي ادب تي مختلف ڪتاب تيار ڪرايا ويا، جن مان: (1) ’ھڪ سو ھڪ سائنسي رانديون‘ (ترجمو)، (2) ’بنيادي ايجادون‘ ڇپجي پڌرا ٿيا. اخبارن، ريڊئي ۽ ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ جي صحيح استعمال، درسي ڪتابن جي تياريءَ ۽ ايڊٽنگ، پروف ريڊنگ ۽ بيھڪ جي نشانين بابت تربيتي ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرايا ويا، جڏھن تھ ’بيھڪ جي نشانين‘ واري موضوع تي ٻھ ادبي ڪلاس پڻ ٿيا. ڪمپيوٽر فانٽن ۽ ڪي بورڊ جي معيار بنديءَ لاءِ سيمينار ڪرايا ويا. عبدالماجد ڀرڳڙي کي مائيڪروسافٽ ڪمپنيءَ سان ’يونيڪوڊ‘ ۾ سنڌيءَ جي شموليت، ان جي معيار بنديءَ وغيره بابت ڳالهائڻ لاءِ اٿارٽيءَ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. ڪي. بورڊ کي حتمي شڪل ڏني وئي. ھن دور ۾ حيدرآباد کان ٻاھر موري، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شھرن ۾ سيمينار ڪرائي سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال بابت علمي مقالا پڙھيا ويا. مختلف دفترن ۽ سرڪاري ادارن کي سنڌيءَ ۾ لکپڙھھ ڪرڻ لاءِ خط و ڪتابت ڪئي وئي. خانگي اسڪولن کي سنڌي پڙھائڻ لاءِ زور بار وڌو ويو. ان کان سواءِ ھن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف ادبي صنفن تي سيمينار ڪرايا ويا. لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ليڪچر پروگرام ٿيا ۽ سگهڙن جون ڪچھريون منعقد ڪرايون ويون. ھن دور ۾ باقاعدي انسائيڪلوپيڊيا سيل مقرر ڪري، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تي ڪم شروع ڪرايو ويو. انسائيڪلوپيڊيا سيل ۾ نامياري محقق شيخ محمد اسماعيل جي نگرانيءَ ۾ ڪارڪن مقرر ڪري ڪم شروع ڪيو ويو. پھريون جلد الف کان پ اکر تائين تيار ٿيو، پر ڊاڪٽر الانا صاحب جي مدي پوري ٿيڻ بعد ھي ڪم رُڪجي ويو. اٺون چيئرمئن: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو (01 آگسٽ 2001ع کان 15 فيبروري 2005ع تائين): ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي جي دؤر ۾ ھڪ سال تائين تاج جويو سيڪريٽري رھيو، جنھن کانپوءِ اختر عنايت ڀرڳڙي سيڪريٽري مقرر ٿي آيو ۽ کائنس ھڪ سال پوءِ ماجد برفت سيڪريٽري ٿيو. اھڙيءَ ريت ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي جي دور ۾ ٽن سيڪريٽرين ڪم ڪيو. ھن عرصي ۾ اڳ جوڙيل بورڊ آف گورنرس جو مدو پورو ٿيڻ ڪري نئون بورڊ آف گورنرس مقرر ٿيو، جنھن جي ميمبرن ۾: (1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (2) سيد ھاشم رضا، (3) مظھرالحق صديقي، (4) ڊاڪٽر جميل جالبي، (5) ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ، (6) الله بخش سومرو، (7) فرمان فتح پوري، (8) ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، (9) عبدالقادر جوڻيجو، (10) ڊاڪٽر نواز علي شوق، (11) ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو شامل ھئا. ھن عرصي ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ ۽ ايندڙ وقت جي گهرجن کي منھن ڏيڻ لاءِ Information Technology (معلوماتي فن) جي استعمال ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ لاءِ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي مؤجد عبدالماجد ڀرڳڙي جي صدارت ۾ سيمينار ٿيو، ماضيءَ جي ڪم جي روشنيءَ ۾ ونڊوز ايڪس پي (Windows XP) ۾ سنڌي ڪي بورڊ انسٽاليشن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ استعمال بابت ھڪ مذاڪرو ڪرايو ويو، جنھن ۾ هيٺيان ٺھراءَ پاس ڪرايا ويا: (1) خانگي توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ سڀني شاگردن لاءِ ٽئين کان ٻارھين درجي تائين سنڌي مضمون لازمي طور پڙھايو وڃي. (2) يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن جي دفترن ۾ لکپڙھھ سنڌيءَ ۾ ڪئي وڃي. (3) سنڌي ڪمپيوٽنگ سسٽم جي ھمت افزائيءَ طور مختلف ادارن ۾ سنڌي ڪي پنچ آپريٽرن جي پوسٽ منظور ڪئي وڃي. (4) اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيو ۽ ٽي ويءَ) تي سنڌي سيکارڻ جا ڪلاس ھلايا وڃن. (5) سنڌ سرڪار جي ملازمن جي ترقي ءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇھن مھينن جو ڊپلوما ڪورس لازمي قرار ڏنو وڃي. (6) روڊن رستن تي فاصلو ڏيکاريندڙ پٿرن، ٽريفڪ جي نشانين، دفترن ۾ نالن ۽ عھدن جي تختين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو وڃي. (7) سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ھڪجھڙو نصاب مقرر ڪيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، استعمال ۽ رٿابندي لاءِ عالمن ۽ اديبن تي مشتمل ڪاميٽيون جوڙيون ويون ۽ مختلف لفظن جي استعمال بابت لکت ۾تجويزون ورتيون ويون. دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه لاءِ ناظمن کي خط لکيا ويا. دفتري استعمال سان گڏ ڄم، موت ۽ نڪاح جي داخلا وارا ڪاغذ سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار ڪرايا ويا. بورڊ آف گونرس جي تيرھين گڏجاڻي (21 جنوري 2003 ع) ۾ اداري جي ھال کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اٿارٽيءَ جي ٻاھرئين بلاڪ ۾ قليچ ڪتاب گهر ۽ ثقافتي نمائشي مرڪز قائم ڪيو ويو. نائون چيئرمئن: اين ڊي جتوئي (واڌو چارج: 16 فيبروري 2005ع کان 15 سيپٽمبر 2005ع تائين): ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور ڪم ڪندڙ اين ڊي جتوئي کي اٿارٽيءَ جي چيئرمئن طور واڌو چارج ڏني وئي. سندس دؤر ۾ ماجد برفت ۽ غلام نبي بليدي سيڪريٽري رهيا. اين ڊي جتوئي جي دؤر ۾ براهوي سنڌي لغت ڇپجي پڌري ٿي، جنھن جي مھورت بلوچستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام محمد تاج هٿان ڪوئيٽا ۾ ٿي. ڏھون چيئرمئن: عبدالقادر جوڻيجو (15 سيپٽمبر 2005ع کان 10 مئي 2008ع تائين): نامياري ليکڪ ۽ ڊرامھ نويس عبدالقادر جوڻيجي جي دور ۾ غلام نبي بليدي ڪجهه عرصو سيڪريٽري رهيو. ھن دور ۾ سنڌي سکيا ڪلاس شروع ڪيا ويا. سنڌي سکيا ڪلاسن جي ٽرم (ڊسمبر 2005ع کان مارچ 2006ع) جي افتتاحي تقريب ڪئي وئي، جنھن ۾ ضلعي حيدرآباد جي ناظم بھ شرڪت ڪئي. ھن دور ۾ (1) ’مادري ٻوليءَ جي اھميت ۽ ان جو استعمال‘ بابت 21 فيبروري 2006ع تي مذاڪرو، (2) ’ميڊيا ۽ سنڌي ٻولي‘ جي عنوان تي ليڪچر، (3) ’سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جي مسئلي‘ جي عنوان تي ليڪچر، (4) اخبارن جي سب ايڊيٽرن ۽ پروف ريڊرن جي لاءِ ٻن ڏينھن جو تربيتي ورڪشاپ، (5) شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 263ھين عرس جي موقعي تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جي گڏيل سھڪار سان ٻن ڏينھن واري ’شاھھ عبداللطيف ادبي ڪانفرنس‘ جا پروگرام ٿيا. ھن دور ۾ بورڊ آف گورنرس جي مدي پوري ٿيڻ ڪري نئون بورڊ آف گورنرس مقرر ٿيو، جنھن ۾ دستور موجب 5 سرڪاري ميمبرن کانسواءِ غير سرڪاري ميمبرن ۾: (1) محمد ابراھيم جويو، (2) ڊاڪٽر نواز علي شوق، (3) سيد حاڪم علي شاھھ بخاري، (4) محمد پناھھ ڦرڙو، (5) بلاول اوٺو، (6) محمد امين نھڙيو، (7) عبدالرزاق درس، (8) محمد اشرف سمون، (9) الطاف شيخ، (10) شوڪت حسين شورو، (11) مدد علي سنڌي شامل ھئا. يارھين چيئرپرسن: ڊاڪٽر فھميده حسين (28 مئي 2008 کان 14 مارچ 2015ع تائين): 28 مئي 2008ع کان سنڌي ٻوليءَ جي نامور اسڪالر ۽ لسانياتي ماھر ڊاڪٽر فھميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن جي حيثيت ۾ چارج ورتي. هن دؤر ۾ اداري جي انتظامي ڪاروھنوار ۽ مالياتي معاملن کي بھتر بڻائڻ ۽ فنڊن جي واڌ ڏانھن خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ شعبن جي ڪم کي وڌيڪ فعال ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحبھ جي تجويز سان 10 نومبر 2008ع تي تاج جويي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ھن دور ۾ نئون بورڊ آف گورنرس جڙيو، جنھن ۾ 5 سرڪاري ميمبر ۽ ٻيا غير سرڪاري ميمبر ھن ريت مقرر ٿيا: (1) محمد ابراھيم جويو، (2) سيد حاڪم علي شاھھ بخاري، (3) پروفيسر سيد قلندر شاھھ لڪياري، (4) تاجل بيوس، (5) سرفراز راڄڙ، (6) ڊاڪٽر سحر امداد، (7) پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھھ، (8) نذير ناز، (9) لعل بخش منگي، (10) ڊاڪٽر نواز علي شوق، (11) ڊاڪٽر قمر واحد، (12) سيد علي احمد شاھھ. ھن عرصي ۾ ھيٺيان سيمينار ۽ مذاڪرا ٿيا: (1) 21 جون 2008ع تي ’سنڌي ٻوليءَ جا اھڃاڻ ۽ محاورا‘ جي عنوان ھيٺ سيمينار ٿيو، جنھن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي ۽ خاص مھمان ثقافت واري وزير محترمھ سسئي پليجو ھئي. سيمينار ۾ مختلف عالمن ۽ اديبن پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو. (2) 4 نومبر 2008ع تي ’سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا ۽ ان جو حل‘ جي عنوان تي مذاڪرو ٿيو، جنھن جي صدارت محمد ابراھيم جويي ڪئي ۽ مذاڪري ۾ مختلف اديبن ڄاڻايل عنوان تي پنھنجا ويچار ونڊيا. (3)11 نومبر 2008ع تي ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي صورتحال‘ تي مذاڪرو ٿيو، جنھن ۾ مختلف عالمن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. (4) 20 نومبر 2008ع تي ’سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي اھميت‘ جي عنوان تي سيمينار ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت نامور اديب محمد ابراھيم جويي ڪئي. (5) 27 جنوري 2009ع تي ’سنڌي درسي ڪتابن جي ٻولي‘ جي عنوان تي سيمينار ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪئي. (6) 21 فيبروري 2009ع تي مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان ’جديد دور ۾ مادري ٻوليءَ جي اھميت‘ جي عنوان سان سيمينار ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. (7) 7 مارچ 2009ع تي ’پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻولي‘ بابت لاڙڪاڻي ۾ سيمينار ڪرايو ويو، جنھن ۾ ٻھ نشستون ٿيون. پھرين نشست جي صدارت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ڪئي، جڏھن تھ ٻي نشست جي صدارت ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪئي. (8) 28 اپريل 2009ع تي ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌو تھذيب‘ عنوان تي قومي ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي. ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل موضوعن تي چئني صوبن کان آيل عالمن ۽ ماھرن تحقيقي مقالا پڙھيا. پھرين نشست ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌو لکت‘جي عنوان تي ھئي، صدارتي پئنل ۾ محمد ابرھيم جويو، وزير ثقافت محترمھ سسئي پليجو، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مظھرالحق صديقي، سراج الحق ميمڻ، احسن واگها (اسلام آباد)، جاويد چانڊيو (بھاولپور)، اقبال قيصر (لاھور)، پروفيسر سوسن براهوي (ڪوئٽھ) ۽ ڊاڪٽر حيدر سنڌي (اسلام آباد) شامل ھئا. سيمينار جي ٻي نشست ’سنڌو تھذيب‘ جي عنوان تي ھئي، صدارتي پئنل ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حميرا علواڻي (ميمبر سنڌ اسيمبلي)، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر راج ولي شاھھ خشڪ (پشاور)، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، سيد حاڪم علي شاھھ بخاري،بدر ابڙو'> بدر ابڙو ۽ مستور بخاري شامل ھئا، جڏھن تھ اختتامي نشست ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي. (9) 7 آڪٽوبر 2009ع تي ’ترجمي جو فن، اھميت ۽ سکيا‘ جي عنوان ھيٺ ھڪ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت محمد ابراھيم جويي ڪئي ۽ عبدالقادر جوڻيجي پنھنجا ويچار ونڊيا. (10) 13 آڪٽوبر 2009ع تي ’قومي تعليمي پاليسي ۽ سنڌي ٻولي‘ جي عنوان سان مذاڪرو ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي، مذاڪري ۾ سنڌ جي ھاڪارن اديبن شرڪت ڪئي. (11) 22 جنوري 2010ع تي ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نھ؟‘ عنوان تي ھڪ مذاڪرو منعقد ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت محمد ابراھيم جويي ڪئي. (12) 21 فيبروري 2010ع تي ’بين الاقوامي تناظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل‘ عنوان تي سيمينار ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. (13) 28 سيپٽمبر 2010ع تي ’ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ مان رومن ٽرانسليشن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتون‘ جي عنوان تحت مذاڪرو ڪرايو ويو، جنھن ۾ اسلام آباد مان عطش درانيءَ شرڪت ڪئي. (14) 28 جنوري 2011ع تي ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪيس‘ بابت مذاڪرو ٿيو، جنھن جي صدارت محمد ابراھيم جويي ڪئي، خاص مھمان وزير ثقافت سسئي پليجو ھئي. مذاڪري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، حميد سنڌي، قاضي خادم، امداد حسيني، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، سرفراز راڄڙ، پروفيسر قلندر شاھھ لڪياري، ڊاڪٽر سحر امداد، تاج جويي، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. (15) 21 فيبروري 2011ع تي ’پاڪستان جون قومي ٻوليون‘ جي عنوان سان سيمينار ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت محمد ابراھيم جويي ڪئي.خاص مھمان وزير ثقافت سسئي پليجو ھئي، سرفراز راڄڙ (صلاحڪار وزير اعلى سنڌ)، نواب تيمور ٽالپر، (ميمبر صوبائي اسيمبلي) ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا ھئا. سيمينار ۾: مظھر جميل (اردو زبان جي نمائنده اديب)، ڊاڪٽر عبدالحڪيم بلوچ (بلوچي زبان جو نمائنده اديب)، ڊاڪٽر شائستھ نزھت (پنجابي زبان جي نمائنده اديبھ)، سعدالله جان ’برق‘ (پشتو زبان جي نمائنده اديب ۽ صحافي) ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي (سنڌي زبان جي نمائنده اديب) مقالا پڙھيا. ان کان علاوه ھن دور ۾ ٻين ادارن ۽ تنظيمن سان گڏجي 100 کان مٿي سھڪاري پروگرام ڪرايا ويا. اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو مدو 4 جون 2011ع تي ختم ٿي ويو ۽ 5 جون 2011ع تي ٽن سالن لاءِ سنڌ حڪومت نئون بورڊ آف گورنرس جوڙيو، جنھن جا ميمبر ھن ريت مقرر ڪيا ويا: (1) محمد ابراھيم جويو، (2) ڊاڪٽر غلام علي الانا، (3) سرفراز راڄڙ، (4) ڊاڪٽر پروين شاھھ، (5) ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، (6) ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، (7) سيد حاڪم علي شاھھ بخاري، (8) پروفيسر سيد قلندر شاھھ لڪياري، (9) امداد حسيني، (10) لعل بخش منگي، (11) نذير ناز، (12) نورالھدى شاھھ، (13) نذر محمد ڳاھو. ڊاڪٽر فھميده حسين، اڳوڻن سربراھن؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي شروع ڪرايل جامع علمي رٿائن مان ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڪم کي نئين سر شروع ڪرايو ۽ باقاعدي پھرين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل ۽ پوءِ BOG جي منظوريءَ سان ’ڊاڪٽر غلام علي الانا انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ريسرچ سينٽر‘ قائم ڪري، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ اسٽاف مقرر ڪيو، جنھن جا ھن وقت تائين 12 جلد ڇپايا ويا آھن. ’دفتري لغت‘ ۽ ٻين ڪتابن جي اشاعت لاءِ عملي قدم کنيا ويا. ان کانسواءِ گهڻي عرصي کان بند پيل تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جا 14 شمارا تيار ڪرائي ڇپرايا. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ڪراچي، مٺي ۽ ٻين شھرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ درست استعمال بابت سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون ۽ ادبي پروگرام ڪرايا ويا. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ عالمن جي مشاورت سان ھڪ اھم ڊرافٽ تيار ڪرائي، قومي اسميبليءَ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير ثقافت محترمھ سسئي پليجو ۽ مرڪزي وزير ثقافت پير آفتاب شاھھ جيلانيءَ جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي يقيني بنائڻ لاءِ خانگي اسڪولن سان گڏ تعليم کاتي حڪومت سنڌ کي خط لکيا ويا. گونر ھائوس، ڪراچيءَ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ وزيراعلى، وزير تعليم ۽ اعلى اختيارين اڳيان سموري صورتحال تڏهوڪي چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميده حسين طرفان رکي وئي ۽ انهن جي مانيٽرنگ لاءِ گذارش ڪئي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ ڊائريڪٽر آف پرائيويٽ اسڪولس کي فعال ڪيو ويو. سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ کي تاڪيدي خط لکيا ويا. سنڌ حڪومت جي ادارن ۽ خانگي دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ خط لکيا ويا. وزيراعلى سنڌ، صوبائي وزيرن ۽ بااختيار عملدارن سان ان ڏس ۾ عملي قدم کڻڻ لاءِ لکپڙھھ ڪئي وئي. ترجمي ۽ ٽرانسلٽريشن لاءِ نئون شعبو قائم ڪيو ويو. سنڌي لغتن جي تياريءَ لاءِ سنڌي ڊڪشنري بورڊ جي قيام بابت حڪومت سان لکپڙھھ ڪري ’سنڌي ڊڪشنري بورڊ‘ واري اسڪيم منظور ڪرائي وئي. سنڌي ڪمپيوٽنگ سسٽم کي بھتر بنائڻ ۽ سنڌيءَ ۾ مختلف سافٽ ويئرن جي تياريءَ لاءِ ’سنڌي انفرميٽڪس شعبي‘ کي وڌايو. ٻارن جي ادب واري شعبي کي فعال ڪري، ٻارن لاءِ نصابي ڪتابن ۾ موجود ٻارن جي گيتن ۽ نظمن جون آڊيو سي ڊيون تيار ڪرايون ويون. حيدرآباد جي مختلف علائقن لطيف آباد، ڦليلي (پريٽ آباد) ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي نھ ڄاڻندڙ شھرين لاءِ ’سنڌي سکيا جا ڪلاس‘ ھلايا ويا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ’آئيي سندھي سيکين‘ پروگرام شروع ڪرايو ويو ۽ ساڳئي پروگرام جو ڪتاب ڇپائي، ان سان گڏ سي. ڊي بھ شامل ڪئي وئي. ’انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف ھيريٽيج آف سنڌ‘ جي سھڪار سان اٿارٽيءَ اندر ھڪ جديد طرز جو سائونڊ اسٽوڊيو تيار ڪرائي، BOG جي منظوريءَ سان ان جو نالو ’محمد ابراھيم جويو اسٽوڊيو‘ رکيو ويو، جتي سگهڙ ڪچھريون ۽ شاھھ جي راڳ جي رڪارڊنگ جو ڪم ڪيو ويو. لائبرريءَ لاءِ نون ڪتابن جي خريداري ڪئي وئي، جيڪا وقت بھ وقت جاري آھي. لائبرريءَ ۾ جمال رند (مرحوم)، زاھد علي مگسي (مرحوم)، غلام محمد ميمڻ ’مخدوم‘ ۽ ’رفيق سومرو‘ جي نالي سان ڪارنر قائم ڪيا ويا. غلام محمد ميمڻ طرفان ھزارن جي تعداد ۾ لائبرريءَ کي ڪتاب مھيا ڪيا ويا. جلد بنديءَ لاءِ شعبو قائم ڪري، پراڻا ڪتاب، اخبارون ۽ اھم ناياب رسالاجلد ٻڌائي محفوظ ڪيا ويا. اٿارٽيءَ سميت ٻين ادارن جي ڪتابن جي وڪري کي بھتر بڻايو ويو. اھڙيءَ ريت مختلف شعبن جي جوڙجڪ بھتر ڪري اٿارٽيءَ جي ملازمن جي مستقل مفاد ۽ مستقبل جي تحفظ لاءِ بورڊ آف گورنرس کان سندن پينشن ۽ گرئچوئيٽي منظور ڪرائي وئي، جن ملازمن جي مستقلي رھيل ھئي، تن جي مستقليءَ جا آرڊر جاري ڪيا ويا. 14 مارچ 2015ع تي ڊاڪٽر فھميده حسين پاران اِداري جي چيئرپرسن جو عھدو ڇڏڻ کانپوءِ 26 اپريل 2015ع تي سنڌ ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري آفتاب احمد ميمڻ واڌو چارج طور اِداري جي سربراهي سنڀالي ۽ 14 مئي 2015ع تائين اِداري جو ٻارهون چيئرمئن رهيو. تيرھون چيئرمئن: سرفراز راڄڙ (19 مئي 2015ع کان 14 آڪٽوبر 2016ع تائين): 19 مئي 2015ع کان نامياري شاعر، سياستدان ۽ اداري جي تڏهوڪي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر جناب سرفراز راڄڙ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي وقتي چيئرمئن طور چارج سنڀالي. سندس دؤر ۾ اِنفارميشن ٽيڪنالاجيءَ واري شعبي طرف خاص توجھه ڏِنو ويو، جنھن تحت پھريون ڀيرو سنڌي لغتن کي آن لائين ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. 4 جون 2015ع تي سنڌي ٻوليءَ جي معروف شاعر ۽ نقاد ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ هڪ مذاڪرو منعقد ڪيو ويو. چوڏھون چيئرمئن: پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ (14 آڪٽوبر 2016ع کان 03 آڪٽوبر 2018ع تائين): 14 آڪٽوبر 2016ع کان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ اِداري جي چيئيرمئن طور پنھنجون ذميواريون سنڀاليون. هن دؤر ۾ 24 نومبر 2016ع ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لھجا‘ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. هن دؤر ۾ خانگي اِسڪولن ۾ وڃي، اُتان جي سنڌي پڙهائيندڙ اُستادن ۽ مقامي صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپن جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو. 03 آڪٽوبر 2018ع تي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پاران اِداري جي چيئرمئن طور چارج ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽرين؛ غلام اڪبر لغاري (04 آڪٽوبر 2018ع کان 21 آگسٽ 2019ع تائين)، پرويز احمد سِيھڙ (22 آگسٽ 2019ع کان 07 نومبر 2019ع تائين) ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر غلام اَڪبر لغاري (08 نومبر 2019ع کان 26 جولاءِ 2020ع تائين) اِداري جا سربراهه رهيا. پندرھون چيئرمئن: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (29 جولاءِ 2020ع کان 04 مارچ 2022ع): 29 جولاءِ 2020ع کان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيئرمئن طور چارج سنڀالي. سندس دؤر ۾ 22 آڪٽوبر 2020ع تي اِداري جي بورڊ آف گورنرس جي نئين سِر تشڪيل ٿي، جنھن ۾ هيٺيان ميمبر شامل هئا: (1) شوڪت حُسين شورو، (2) مدد علي سنڌي، (3) ڊاڪٽر اِسحاق سَميجو، (4) مختيار احمد ملاح، (5) نياز پنھور، (6) جامي چانڊيو، (7) ڊاڪٽر احسان دانش، (8) اِدريس جتوئي، (9) ڀارومل اَمراڻي ۽ (10) روبينه اَبڙو. سورھون چيئرمئن: ڊاڪٽر اسحاق سميجو (05 آگسٽ 2022ع کان اڄ تائين): 05 آگسٽ 2022ع کان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق، شاعر ۽ استاد ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيئرمين طور چارج سنڀالي. ڊاڪٽر اِسحاق سميجو اُن کان اَڳ ٻه ڀيرا اِداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سندس دؤر ۾ 13 نومبر 2023ع تي بورڊ آف گورنرس جي نئين سِر تشڪيل ٿي، جنھن ۾ هيٺيان ميمبر شامل آهن: (1) ڊاڪٽر غلام نبي سَڌايو، (2) علي دوست عاجز، (3) ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، (4) مير حسن آريسر، (5) ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو (فياض لطيف)، (6) عزيز ڪنگراڻي، (7) مختيار ملڪ، (8) سني ايڇ. پنھور ، (9) تھمينه مفتي، (10) پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (اڳوڻو چيئرمئن). هن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي ۽ فروغ جي لاءِ ’سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم‘ جو آغاز ڪيو ويو، جنھن جي اِفتتاحي تقريب 27 سيپٽمبر 2022ع تي ’سنڌ ميوزيم حيدرآباد‘ ۾ منعقد ڪئي وئي. هن جاڳرتا مھم جو اِفتتاح محترمه مھتاب اَڪبر راشديءَ ڪيو. سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جي ئي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عام واهپي ۽ ڦھلاءَ جي واسطي چوٿين آڪٽوبر 2022ع تي قاسم آباد (حيدرآباد) ۾ هڪ ريلي ڪڍي ويئي. قاسم آباد بزنس فورم جي سھڪار سان هن ريلي ۾ اَديبن، شاعرن، صحافين، سماجي ڪارڪنن عوام جي وڏي اَنگ شرڪت ڪئي. هن دؤر ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جاڳرتا مھم‘ جي سلسلي ۾ ’سنڌي ٻولي: خطرا، موقعا ۽ تجويزون‘ جي عنوان سان آن لائين مباحثن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو، جنھن تحت سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن عالمن، ڏاهن، اَديبن ۽ شاعرن کي مدعو ڪري، مقرر موضوع تي آن لائين ويچار ونڊيا ويندا آهن. ان سلسلي ۾ هيٺين موضوعن تي مباحثا ٿي چُڪا آهن: (1) سنڌي ٻولي ۽ سماجي رويا: (17 آگسٽ 2022ع)، (2) ڊجيٽل دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل (31 آگسٽ 2023ع)، (3) ميڊيا ۽ سنڌي ٻولي (2 سيپٽمبر 2022ع)، (4) شاهه لطيف جي ٻولي (12 سيپٽمبر 2022ع)، (5) مصنوعي ذهانت، ٽيڪنالاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو (17 سيپٽمبر 2023ع)، (6) اُستاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جون حُسناڪيون (10 آڪٽوبر 2023ع)، (7) سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ جو فن ۽ ان جا اصول (4 جنوري 2024ع). ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي سربراهي ۾ ٻارن لاءِ ٻن ڏينھن تي مبني پھريون ’شاهه لطيف ميلو‘ 9 ۽ 10 ڊسمبر 2023ع تي منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ سموري سنڌ مان ٻارن بيت بازي، ٽيبلوز، مصوري، گلوڪاري ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو. ان ميلي جو مقصد ٻارن ۾ پنھنجي مادري ٻولي ’سنڌي‘ سان چاهه ۽ شاهه لطيف سان شناسائي پيدا ڪرڻ هو. اداري جا مختلف شعبا (1) ريسرچ ۽ پبليڪيشن شعبو: اداري جو هي اھم شعبو، اداري جي قيام سان گڏ ئي قائم ٿيو. ھيءُ شعبو ڪتابن جي معياري چونڊ، ايڊٽنگ، ڪمپوزنگ ۽ ڇپائيءَ جي سمورن مرحلن جي نگراني ڪندو آھي. ان کان سواءِ ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جا شمارا، خبر ناما، ساليانيون ڪارڪردگي رپورٽون، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۽ ٻولي ڪانفرنس جا سووينئر پڻ ڇپايا ويندا آھن. ريسرچ ۽ پبليڪيشن شعبي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر امين محمد لغاري ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خالد آزاد آهي. هن شعبي طرفان هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پھلوئن ۽ ڪجهه ٻين اهم موضوعن تي 450 کان مٿي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه تحقيق واري شعبي جي نگراني هيٺ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي اهم رٿا ڊاڪٽر فھميده حسين جي دؤر ۾ شروع ڪئي وئي. ابتدا ۾ هن سيل جو پھريون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بدر ابڙو مقرر ٿيو. ٿوري عرصي بعد محمد عثمان ميمڻ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور هن ڪم کي اڳتي وڌايو. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا سيل ۾ 30 عارضي ڪارڪن مسلسل مصروف عمل رھيا. 2014ع ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا واري اسڪيم ختم ٿيڻ کان پوءِ، رهجي ويل ڪم جي تڪميل لاءِ ڊائريڪٽر خير محمد بلوچ کي ذميواري ڏني وئي. سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ هن وقت خان محمد جروار اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور شعبي ۽ رٿا جي ڪم کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. ھن وقت تائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا ٻارهن جلد (الف کان غ) ڇپجي پڌرا ٿيا آھن، جڏھن تھ تيرهون جلد تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. (2) انتظامي ۽ مالياتي شعبو: انتظامي ۽ مالياتي شعبو، چيئرمئن ۽ سيڪريٽري جي هدايتن ۽ رهنمائيءَ هيٺ ڪم ڪري ٿو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمن هارون عنايت عباسي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ماليات احسان احمد ميمڻ آهن. هن شعبي جي ذميوارين ۾؛ اداري جي ملازمن جا ذاتي فائيل سنڀالڻ، ملازمن جون سالياني مخفي ڪارڪردگي رپورٽون (ACR) سنڀالڻ، ملازمن جا سروس بُڪ ٺاهڻ، ملازمن جي حاضري کي يقيني بنائڻ ۽ حاضري رجسٽر سنڀالڻ، سمورن ملازمن جي ريزڪي ۽ پڪين موڪلن جو حساب رکڻ، اداري پاران جاري ڪيل دفتري حڪم، سرڪيولر ۽ نوٽيس وغيره جاري ڪرڻ، عمارت جي سار سنڀال لھڻ، اداري طرفان سنڌ حڪومت سان خط و ڪتابت ڪرڻ، بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن جون ۽ بورڊ جي ذيلي ڪاميٽين جون گڏجاڻيون منعقد ڪرائڻ ۽ انهن جو رڪارڊ رکڻ وغيره شامل آهن. جڏهن ته ماليات جي حوالي سان بجيٽ جي تياري، گرانٽ جاري ڪرائڻ، آڊٽ ۽ ٻين سمورن مالي معاملن جي ذميواري به هن شعبي جي حوالي آهي. (3) پروگرام شعبو: اداري جو ھي اھم شعبو اٿارٽيءَ جي بنيادي مقصدن؛ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، استعمال، ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندو رھي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ ھن شعبي جي نگرانيءَ ھيٺ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ”سنڌي سکيا جا ڪلاس“ ھلايا ويندا آھن. جڏھن تھ هن شعبي جي رٿابندي سان اداري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لھجن، محاورن، اخبارن ۽ رسالن جي ٻولي، نصابي ڪتابن جي ٻوليءَ، دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال ۽ ترقيءَ بابت ڪيترا سيمينار، مذاڪرا، ليڪچر، ورڪشاپ ۽ ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪرايون وينديون آھن. اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ مختلف ادارن/ تنظيمن جي علمي ۽ ادبي پروگرامن جو انتظام به هن شعبي جي ذمي آهي. هن شعبي جو سربراهه پروگرام آفيسر زاهد اوٺو آهي. (4) سنڌي انفرميٽڪس (آءِ ٽي) شعبو: سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ ۽ ان جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ 1998ع ۾ سنڌي انفرميٽڪس شعبو قائم ڪيو ويو. شعبي جي سربراهه انيس ڪاڪا آهي. هن شعبي وقت به وقت سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ جديد تقاضائن کي سامھون رکندي هيٺيان اهم ڪم ڪيا آهن: (1) سنڌي اوسي آر (سنڌي ٻوليءَ جي فوٽو يا اسڪين ٿيل مواد کي لکت/ ٽيڪسٽ ۾ بدلائڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ). (2) پارٽس آف اسپيچ (ڳالهائڻ جا لفظ) سنڌي ٻوليءَ کي لکڻ يا ڳالهائڻ مھل، جملن جي سڀني لفظن کي پاڻمرادو گرامر جي حصن ۾ ڏسيندڙ سرشتي جو قيام، جنھن سان خودڪار ترجما، تصويرن مان سنڌي اکر ڪڍڻ ۽ مصنوعي آوازن جي مدد سان سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. (3) آن لائين لائبرري ۾ اداري جا ڇپيل ڪتاب ٽيڪسٽ ۾ اپلوڊ ٿيندا آهن، جنھن کي سرچ انجن آسانيءَ سان سرچ/ ڳولي سگهي ٿي. (4) آن لائين ڊڪشنرين جو پورٽل تيار ڪيو ويو آهي. هن پورٽل ۾ سوا ڇھه لک لفظ موجود آهن، جنھن ۾ سنڌيءَ مان انگريزي يا انگريزيءَ مان سنڌي لفظن جا متبادل لفظ، پھاڪا، چوڻيون، فني اصطلاح ۽ لفظ ڳولي گهربل مفھوم پڙهي سگهجن ٿا. (5) لنڊن جي ڪمپنيءَ ’سُئفٽ ڪي ڪيبورڊ‘ سان لھه وچڙ ڪري سمارٽ فونن لاءِ تيار ڪيل ’سئفٽ ڪي ڪيبورڊ‘ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرائڻ. (6) انٽرنيٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ براؤزرن؛ گوگل ڪروم ۽ فاير فاڪس لاءِ ايڪسٽينشن تيار ڪئي وئي آهي، جنھن جي مدد سان انگريزي يا سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن به لفظ جي معنيٰ يا تشريح هڪ ڪلڪ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. (7) سنڌي ٻوليءَ جي رجسٽرڊ انٽرنيشنل ڪوڊ (SD) کي گوگل ۽ مائڪرو سافٽ پاران تسليم ڪرائي، پنھنجي مرڪزي پروگرامنگ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. (8) آن لائين سنڌي سکيا جو مڪمل ڪورس تيار ڪري انٽرنيٽ جي سڀني پليٽفارمن تي رکيو ويو آهي، جنھن کي ماڻهو آسانيءَ سان پنھنجين ڊوائيسن تي کولي فائدو وٺي سگهن ٿا. ساڳي ريت اٿارٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن تي مبني ورچوئل ’لينگئيج لائبرري‘ پڻ ٺاهي وئي آهي. (9) پرائمري اسڪولن جي ٻارڙن لاءِ درسي نظمن ۽ گيتن جو پورٽل تيار ڪيو ويو آهي. (10) ورلڊ ويب جا اهم سرشتا ’ورڊ پريس‘ ۽ ’جوملا‘ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. (11) 16 ڊڪشنرين جي ائنڊرائيڊ ائپليڪيشن سميت پھاڪن ۽ چوڻين تي ٻڌل، ’ڦلواڙي‘ ائپ پڻ تيار ڪئي وئي آهي. اهي ائپليڪيشنون گوگل پلي تان مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري موبائيل ۾ انسٽال ڪري سگهجن ٿيون. (12) اداري جي آفيشل ويب سائيٽ کي وقت به وقت اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي. (13) جديد پروگرامنگ تحت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي آنلائن ويب سائيٽ ٺاهي وئي آهي، جيڪا استعمال ۾ آسان (يوزر فرينڊلي) ۽ ايڪسس ڪرڻ بلڪل آسان آهي. (14) فيسبوڪ تي اداري ۾ ٿيندڙ سرگرمين کي لائيو نشر ڪيو ويندو آهي. ان کانسواءِ اداري جي يوٽيوب چئنل تي مختلف پروگرامن جون رڪارڊنگز به رکيون وينديون آهن. (15) سنڌي سکيا جا آنلائين ڪلاس پڻ هلايا وڃن ٿا. (5) ٻولي تحقيقي جرنل'>سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل شعبو: اداري پاران 1994ع کان شايع ٿيندڙ ڇھه ماهي ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل کي هن وقت هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن جي پاليسيءَ تحت شايع ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ جون 2016ع ۽ ان کان پوءِ وارا شمارا هيڪ (HEC) جي معيار تحت ڇپجن ٿا. مارچ 2020ع ۾ هن جرنل کي هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان Z درجه بندي ۾ مڃتا ڏني وئي. 2021ع کان هي جرنل Y ڪئٽگري ۾ منظور ٿيل آهي. HEC جي معيار تحت هن جرنل جا ڊسمبر 2023ع تائين 17 شمارا وقت جي پابنديءَ سان شايع ڪيا ويا آهن. هن تحقيقي جرنل ۾ سنڌي ٻوليءَ، لسانيات ۽ ادبي تحقيق جي موضوعن تي سنڌ توڙي هند جي سنڌي محققن جا مقالا شايع ڪيا وڃن ٿا. هن وقت ڊاڪٽر اسحاق سميجو هن جرنل جو چيف ايڊيٽر، ڊاڪٽر احسان دانش ايڊيٽر ۽ شوڪت چاچڙ تحقيقي جرنل شعبي جو انچارج ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر آهي. (6) ميڊيا سيل: 2010ع ۾ اداري ۾ پبلڪ رليشنز آفيسر مقرر ڪيو ويو ته جيئن اداري جي سرگرمين جي تشھير توڙي اداري متعلق خبرن، مضمونن يا ٻئي مواد جو جواب ۽ وضاحت وقت تي پيش ڪري سگهجي. جديد تقاضائن ۾ ذرائع ابلاغ جا ذريعا وڌڻ کان پوءِ 2017ع ۾ اداري جي پبلڪ رليشن شعبي کي جديد گهرجن موجب وسيع ڪندي ميڊيا سيل ۾ تبديل ڪيو ويو. اداري جي سرگرمين بابت ميڊيا تي خبرون پھچائڻ، ابلاغي ادارن سان رابطاڪاري، صحافين جي تربيت ڪرائڻ جو اهتمام ڪرڻ، اداري جي مختلف پروگرامن ۽ سيمينارن جون رپورٽون تيار ڪرڻ، اداري جي سالياني رپورٽ، ٽه ماهي بليٽن ۽ خبر ناما تيار ڪرڻ، مختلف سماجي حلقن طرفان اداري تي ٿيندڙ تنقيد ۽ اخبارن ۾ ايندڙ منفي خبرن جي ترديد/ وضاحت ڪرڻ هن شعبي جي ذمي آهي. پرنٽ ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جو تجزيو ڪري غلطين جي نشاندهي پڻ هي شعبو ڪندو آهي. ميڊيا سيل طرفان سوشل ميڊيا تي به اداري جي سرگرمين جي تشھير ڪئي ويندي آهي. هن شعبي جو سربراهه سليم جروار آهي. (7) آڊيو ويوئل شعبو: اداري اندر ۽ ٻاهر اداري جي پروگرامن جي رڪارڊنگ، فوٽو گرافي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سھڪار سان اهڙن ٻين ادارن توڙي تنظيمن جا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام رڪارڊ ۽ ايڊٽ ڪري محفوظ بنائڻ آڊيو ويوئل شعبي جي ذميوارين ۾ شامل آهن. ائنڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ (EFT) جي مالي سھڪار سان هن شعبي اندر هڪ جديد آڊيو ويوئل اسٽوڊيو ’محمد ابراهيم جويو سائونڊ اسٽوڊيو‘ پڻ قائم ٿيل آهي، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالمن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن کي سندن حياتي ۾ رڪارڊ ڪري سندن فن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي. هي شعبو ريڊيو اسپولس جي شڪل ۾ موجود سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ڊرامن کي سي ڊين تي نقل ڪري محفوظ ڪري چڪو آهي. هن شعبي جو انچارج ڪاشف قاضي آهي. (8) مارڪيٽنگ شعبو: هي شعبو اٿارٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن کي وڪرو ڪري آمدني پيدا ڪرڻ جو هڪ اهم وسيلو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان هن وقت تائين 450 کن ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا آهن. انهن ڪتابن کي مختلف علمي ۽ ادبي حلقن تائين پھچائڻ لاءِ مارڪيٽنگ جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. سنڌ جي مڙني مک شھرن جي ڪتاب گهرن تائين اداري جا ڪتاب پھچائڻ هن شعبي جي ذمي آهي. مارڪيٽنگ شعبي جي نگرانيءَ ۾ اداري جي مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ’قليچ ڪتاب گهر‘ قائم ٿيل آهي، جنھن ۾ اداري سميت سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مڙني ادبي، علمي ادارن جا ڪتاب به مناسب اگهن تي دستياب هوندا آهن. هن شعبي جو انچارج سيد بخشل شاهه آهي. (9) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي انفارميشن رسورس سينٽر: انفارميشن رسورس سينٽر، محققن ۽ عالمن کي انتھائي اهم ۽ مددگار مواد مھيا ڪري ٿو. هن شعبي ۾ سنڌي ٻولي بابت ڇپيل مواد کي سنڌي ٻوليءَ جي محققن ۽ شاگردن کي فائدي پھچائڻ لاءِ گڏ ڪيو ويو آهي. هن سينٽر طرفان سنڌ ڊيٽابيس ۽ ڊاڪيومينٽيشن بابت مواد گڏ ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي. لائبرري ۾ مختلف ڪارنر؛ جمال رند ڪارنر، زاهد علي مگسي ڪارنر، رفيق سومرو ڪارنر ۽ غلام محمد ميمڻ ’مخدوم‘ ڪارنر قائم ڪيا ويا آهن. رسورس سينٽر ۾ 37000 کان مٿي ڪتاب ۽ لڳ ڀڳ 16000 رسالا موجود آهن. هن شعبي طرفان جديد سافٽ ويئرن جي مدد سان مواد ڪمپيوٽرائيز ڪيو ويو آهي. هن شعبي جو سربراهه عامر علي ڀٽي آهي. (10) سنڌو لکت عجائب گهر شعبو: سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مکيه مقصدن ۾ انڊس اسڪرپٽ ميوزيم ۽ لينگئيج ليبارٽري قائم ڪرڻ به شامل هو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي اداري جي اڳوڻي چيئرمئن ڊاڪٽر محمد علي مانجهي هن رٿا جي اداري جي بورڊ آف گورنرس کان منظوري وٺي اٿارٽيءَ ۾ باقاعده ’سنڌو لکت عجائب گهر شعبو‘ قائم ڪيو. هن عجائب گهر ۾ سنڌو لکت جي پراڻن نمونن، سنڌيءَ جا آڳاٽا رسم الخط ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل ٻيون شيون فريم ڪري لڳايون ويون آهن. سنڌو لکت عجائب گهر شعبي جي انچارج ڪلثوم ميمڻ آهي.


لفظ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1991.07.04  عيسوي

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو بورڊ آف گورنرس جوڙيو ويو، جنهن جي پهرين گڏجاڻي، 4 جولاءِ 1991ع تي اٿارٽيءَ جي پهرئين چيئرمئن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي صدارت ۾ ٿي



حڪومتي ادارا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسيمبلي
سوئي گئس
سول سروس اڪيڊمي سنڌ ڪراچي
اولڊ ڪئمپس
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن
سول سروسز اڪيڊمي لاهور
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ
اوقاف
حڪومتي ادارا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون